شاهه عبدالڪريم ڪلام ڪليم

شاهه عبدالڪريم- ڪلام ڪليم (ڪتاب): شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي ڪلام تي مشتمل هيءُ ڪتاب مير محمد نظاماڻي جو مرتب ڪيل آهي. هن ڪتاب ۾ شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جي زندگي بابت سربستو احوال پڻ شامل آهي، جنهن ۾ شاهه ڪريم جي وقت ۾ سنڌ جو تاريخي پس منظر، ملڪ جي ادبي حالت، شاهه ڪريم جي حياتي جو احوال، شاهه عبدالڪريم جو ڪلام، وغيره شامل آهي. جنهن بعد شاهه عبدالڪريم بلڙي واري جو سنڌي ۽ هندي ڪلام ڏنل آهي ۽ آخر ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏنل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر علي نواز حاجن جتوئي جو لکيل آهي.
58 صفحن تي مشتمل ڪرائون سائيز ۾ هي ڪتاب آر. ايم فتح ائنڊ برادرس حيدرآباد جولاءِ 1965ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو 25 پئسا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو